ٻانهو خان شيخ

ٻانهو خان شيخ

ٻانهون خان شيخ

ٻانهون خان شيخ: ڀٽ شاهه، ضلعي مٽياري جو ويٺل بزرگ خان شيخ'>ٻانهون خان شيخ، هڪ عالم شخص هو. هي روينيو کاتي جو رٽائرڊ آفيسر هو. 19 اپريل 1928ع تي ڀٽ شاهه ۾ ڄائو. شاهه لطيف جي رسالي سان وڏو شغف رهيس. لطيف سائينءَ جي درگاهه جي فقيرن جو صحبتي رهيو. ويهه سال راتين جا اوجاڳا ڪري، هن، فقير محمد ابراهيم جو راڳ ٻڌو ۽ ان جي يادداشت وارو سمورو ڪلام قلمبند ڪرڻ کان پوءِ تمر فقير جي اوطاق ۾ رکيل شاهه جي گنج (1207 هه/ 1792ع جي لکيل)،ميين احمد ڀٽائيءَ جي لکيل رسالي (1304 هه/ 1886ع )،ميين محمد ۽ ميين حسين جي لکيل رسالي (1300 هه/ 1882) ۽ ماستر محمد سارنگ لنجواڻيءَ جي لکيل رسالي ۽ سمورن ڇاپي رسالن کي ڀيٽي، هن 1960ع ۾ شاهه جي رسالي جو هڪ مسودو تيار ڪيو. ان وچ ۾ کيس ٻه پراڻا قلمي نسخا، ٽنڊي مير محمود جي مير صاحبن جي ڪتبخاني مان ۽ سيد مسڪين شاهه کاڻوٺيءَ جي ڪتبخاني مان هٿ آيا ۽ 1949ع، 1974ع ۽ 1977ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڇپايل رسالن کي به هن آڏو رکيو. اهڙيءَ طرح شاهه جي رسالي جو مڪمل متن 31 سرن، 4469 بيتن ۽ 300 واين تي مشتمل، لفظي ۽ اصطلاحي معنيٰ سميت تيار ڪيائين. هن رسالي جا ٽي ڀاڱا شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ ڇپائي پڌرا ڪيا آهن، جن ۾ هن بيتن کي صحيح اچارن سان پڙهڻ لاءِ اعرابون ڏنيون ۽ ڏکين لفظن جون معنائون پڻ ڏنيون. ٻانهي خان ڊگهي بيماريءَ سبب 19 آڪٽوبر 2008ع تي وفات ڪئي .


لفظ ٻانهون خان شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

19.04.1928  عيسوي

ٻانهون خان شيخ 19 اپريل 1928ع تي ڀٽ شاهه ۾ ڄائو.


19.10.2008  عيسوي

ٻانهي خان ڊگهي بيماريءَ سبب 19 آڪٽوبر 2008ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امداد محمد شاهه
جنجهي نور احمد
رتناگر شيرين
رحمت خان گبول
احمد شيخ
چئناڻي حشمتراءِ آتما
پير محبوب شاهه
بولو کيدو
بيگم آغا خان
مير بزرگ بکري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون